گپچاڻي ويجهو ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر فوت ٿي ويو
ڳوٺ رسول بخش برفت ۾ بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ ڪري 12ورھين جو نينگر امام بخش پٽ غلام عباس برفت بيهوش ٿي ويو .
بيهوشي جي حالت ۾ نينگر کي وارث نوابشاھه اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو .
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارث لاش گهر کڻائي پهتا ته ڪهرام مچي ويو.
وارثن ٻڌايو ته نينگر گھر ٻاھران راند کيڏي رهيو هو ته کيس بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳو