تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو برقرار

- Advertisement -
گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل لاٿ جو سلسلو برقرار آهي جنهن سبب سنڌ ۾  پاڻي جي مجموعي کوٽ 42 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. گڊو بئراج وٽ 24 ڪلاڪن اندر چار هزار 660 ڪيوسڪ لاٿ کانپوءِ گڊو بئراج وٽ  40 سيڪڙو کوٽ رڪارڊ ڪئي وئي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 23 هزار 686 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 19 هزار 172 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. گڊو بئراج مان نڪرندڙ بيگاري سنڌ فيڊر کي پاڻي جو ڇوڙ بند آهي. گهوٽڪي فيڊر ۾ 2 هزار 521 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. گڊو بئراج مان نڪرندڙ بلوچستان ڪئنال ڊزرٽ پٽ فيڊر ۾ هڪ هزار 993 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ٿي رهيو آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 56  سيڪڙو ٿي وئي، تربيلا ڊيم به تيزي سان خالي ٿيڻ لڳو. تربيلا ڊيم ۾ رڳو ٻه فوٽ پاڻي رهجي ويو جنهن بعد ڊيم ڊيڊ ليول تي پهچي ويندو. انچارج ڪنٽرول روم سکر عبدالعزيز سومري جو چوڻ آهي ته گڊو بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ چار هزار 660 ڪيوسڪ لاٿ کانپوءِ سکر بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته 36 ڪلاڪن ۾ سکر بئراج وٽ پاڻي جي کوٽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي ويندي، سنڌ کي مجموعي پاڻي جي گهرج 39  هزار 230 ڪيوسڪ رهي جڏهن سنڌ کي رڳو 23 هزار 686 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 40 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 7 هزار هڪ سئو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج وٽ پاڻي جي گهرج 30 هزار ڪيوسڪ رهي جڏهن ته بئراج جي واهن کي رڳو 12 هزار 940 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي. سکر بئراج جي واهن ۾ وارا بندي وارو عمل جاري آهي، جنهن سبب سمورا واهه متاثر ٿي رهيا آهن. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 هزار 255 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 210 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ سبب ڏڪار واري صورتحال آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.5 ° C
8.5 °
8.5 °
52 %
1.4kmh
6 %
اربع
8 °
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °

تازه ترين خبرون