گڏيل عرب امارتن پاران فلسطينين لاءِ ٻه ڪروڙ ڊالر امداد موڪلڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
امارتي خابرو اداري موجب يو اي اي جي صدر محمد بن زيد فلسطينين لاءِ 20 ملين ڊالر جي هنگامي امداد جو اعلان ڪيو آهي.
يو اَي اِي اختيارين جو چوڻ آهي ته امداد گڏيل قومن جي امدادي ايجنسين ذريعي موڪلي ويندي.
يورپي يونين فلسطينين کي 729 ملين ڊالر جي ترقياتي امداد بند ڪرڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو.
يورپي يونين جو چوڻ آهي ته فلسطينين کي ملندڙ ڊيولپمينٽ امداد نه پئي روڪي وڃي، صرف جائزو ورتو پيووڃي ته ڪٿي هـِن امداد جو غلط استعمال ته نه پيو ٿئي؟.
واضح رهي ته غزه ۾ هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيلي حملا پنجين ڏينهن به جاري آهن.
اسرائيلي جهازن پناهگيرن جي ڪيمپ ۽ گڏيل قومن جي آفيسن کي به نشانو بڻايو آهي.