تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل روس مخالف سموريون يورپي ترميمون رد, يوڪرين بابت آمريڪي ٺهراءُ منظور

- Advertisement -
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل روس مخالف سموريون يورپي ترميمون رد ڪندي يوڪرين بابت آمريڪي ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن ۾يوڪرين، يورپي يونين جي گڏيل ٺهراءُ ۽ آمريڪا جي ڌار ٺهراءُ  تي ووٽنگ ٿي. پهريان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ يوڪرين جي علائقائي سلامتي جي حمايت ۽ روسي فوج جي فوري واپسي تي ٻڌل ٺهراءُ يوڪرين جنگ جو ٽيون سال مڪمل ٿيڻ تي پيش ڪيو ويو. يوڪرين ۽ يورپي يونين طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ ۾ يوڪرين تي روسي حملي جو حوالو ڏيندي روسي فوج کي يوڪرين مان ٻاهر ڪڍڻ جو مطالبو ڪيو ويو. آمريڪا جي سخت مخالفت باوجود گڏيل قومن يورپي حمايت وارو ٺهراءُ ڳري اڪثريت سان منظور  ڪيو، 93 ملڪن ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته روس، بيلاروس، اتر ڪوريا ۽ سوڊان وانگر آمريڪا به ٺهراءَ جي خلاف ووٽ ڏنو. ان کانپوءِ آمريڪا جي ڌار ٺهراءَ تي سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽنگ ٿي، آمريڪي ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته تڪرار جو فوري خاتمو ۽ يوڪرين ۽ روس وچ ۾ جٽادار امن قائم ڪيو وڃي، گڏيل قومن جو مک ڪردار عالمي امن ۽ تڪرارن جي خاتمي کي ممڪن بڻائڻ آهي. ٺهراءَ ۾ روسي فيڊريشن ۽ يوڪرين وچ ۾ تڪرار دوران موتن تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو. سلامتي ڪائونسل روس مخالف سموريون يورپي ترميمون رد ڪندي يوڪرين بابت آمريڪي ٺهراءَ منظور ڪري ورتو. آمريڪا، روس، چين ۽ پاڪستان سميت 10 ملڪن ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، فرانس، برطانيا سميت 5 ميمبر غير حاضر رهيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
29 %
0.8kmh
100 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون