- Advertisement -
گڏيل قومن جي سڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستان کي چونڊن کانپوءِ پيش ايندڙ مسئلن کي قانوني طريقي سان حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
چونڊن کانپوءِ جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاڪستاني اختيارين سان رابطو ڪيو آهي جنهن دوران ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
انتونيو گوتريس چيو ته هو پاڪستان جي صورتحل تي نظر رکي رهيا آهن، چونڊن کانپوءِ سڀني مسئلن کي طئي ٿيل طريقيڪار ذريعي حل ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن به اهڙي ڪارروائي کانپوءِ پاسو ڪيو وڃي جيڪا ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ۽ انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ عوام جي مفاد جو مڪمل احترام ڪيو وڃي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال کي به قائم رکيو وڃي، هن پاڪستاني عملدارن ۽ سياسي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته اهي پرسڪون ماحول کي برقرار رکن ۽ هر قسم جي تشدد کي رد ڪن.- Advertisement -
