تازه ترين

اسرائيل جي رفاح تي هوائي حملا جاري، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 133 فلسطيني شهيد ۽ 162 زخمي

- Advertisement -
اسرائيل جي رفاح تي هوائي حملا جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 133 فلسطيني شهيد ۽ 162 زخمي ٿيا آهن، اسرائيلي فوج گڏيل قومن جي ريليف ايجنسي کي غذائي شين جي سپلاءِ روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته 7 آڪٽوبر کا اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 28 هزار 473 تائين پهچي ويو جڏهن ته 68 هزار 146 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي يرغمالين جي آزادي لاءِ امريڪا جون ڪوششون جاري آهن، سي آءِ اي سربراهه قاهره ۾ قطري، اسرائيلي ۽ مصري عملدارن سان ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران غزه جنگ ۾ وقفي ۽ قيدي جي آزادي تي ڳالهيون ڪيون ويون. هوڏانهن اسرائيل غذائي شين کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. اسرائيلي فوج گڏيل قومن جي ريليف ايجنسي کي غذائي شين جي سپلاءِ روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن اسرائيل طرفان غزا ۾ اٽي جي سپلاءِ پهريان کان ئي بند آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ قافلن تي حملا ڳڻتي جوڳا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو وڌيڪ چوڻ آهي ته رفح ۾ اسرائيلي فوجي آپريشن جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا. ٻئي پاسي هوڏانهن امريڪي سينيٽ اسرائيل لاءِ 14 ارب ڊالر امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
44 %
5.1kmh
0 %
اڱارو
34 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون