- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسيءَ جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ وفات تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي، جڏهن ته اسرائيلي نمائندي طرفان بداخلاقيءَ جو مظاهرو ڪيو ويو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن طرفان ايراني صدر کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ٿيل اجلاس جي شروعات ۾ ايراني صدر رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ وفات تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.
اجلاس ۾ مختلف ملڪنن جي نمائندن خاموشي اختيار ڪئي، آمريڪي نمائندي به تعزيت جو اظهار ڪيو، پر اسرئيلي نمائندو گيلداردن خوش نظر نه آيو ۽ هڪ دفعو ٻيهر ضد ۽ بدتميزي جو مظاهرو ڪيو.
هن ميمبرن طرفان ابراهيم رئيسيءَ جي وڇوڙي تي خاموشي اختيار ڪرڻ واري عمل تي ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو.
اسرائيلي نمائندي پنهنجي وڊيو بيان ۾ ان عمل تي وڌيڪ تنقيد ڪندي چيو ته ” توهان صحيح ڏٺو، سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ايراني صدر رئيسي جي موت تي هڪ لمحي جي لاءِ خاموشي ڪئي وئي.- Advertisement -
