حڪومت رئوف حسن تي حملي کي سنجيدگيءَ سان ڏسي رهي آهي : اعظم نذير تارڙ

- Advertisement -
قانون واري وفاقي وزير،  اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته حڪومت رئوف حسن تي حملي کي سنجيدگيءَ سان ڏسي رهي آهي، معاملي کي انجام تائين پهچايو ويندو. سينيٽ اجلاس دوران ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته رئوف حسن جي بيان تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، ڪيس ۾ قتل جي ارادي جو قلم شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ايس پي حسن جهانگير جي سربراهيءَ ۾ ٽيم جوڙي وئي آهي، ظاهري طور تي رئوف حسن تي حملو ڪندڙ کدڙا فقير هئا. وفاقي وزير چيوته ريلوي جي اربين رپين جي ماليت جي زمين جي مشرف دور ۾ ليز ڪئي وئي، شڪي ليز جي معاهدن خلاف عدالتن سان رابطو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد هنن ڪافي زمين واپس ڪئي آهي. سينيٽر شهادت اڳواڻ چيو ته ريلويز ۾ ڪرپشن ڪندڙ 93 آفيسرن توڙي اهلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. قانون واري وزير چيو ته سڀ کان وڏو مسئلو ريليوز جي اڳوڻن ۽ موجوده ملازمن جو وڏو انگ آهي، گذريل سال ريلوي جي سالياني بجيٽ 110 ارب رپيا هئا، جن مان پگهارن تي 35 ارب ۽ پينشن تي 38 ارب  90 ڪروڙ خرچ ٿيا، فنڊن جو 67 سيڪڙو پگهارن ۽ پينشن ۾ وڃي ٿو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
25.9 ° C
25.9 °
25.9 °
30%
2m/s
85%
اڱارو
26 °
اربع
33 °
خميس
34 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون