ڳڙهي ياسين ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڳوٺ ارصلاح ڪٽوهر جي رهواسين ڌڻي بخش ڪٽوهر، علينواز، گهرام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سندن ڳوٺ اسڪول ۽ بجلي سميت بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي.
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته هن جديد دور ۾ به پٿر جي دور واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهيون.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.