تازه ترين

ڳڙهي ياسين ۾ مهر، معرفاڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

ڳڙهي ياسين ۾ مهر، معرفاڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.

ڇنڇر ڏينهن ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ڊکڻ ناڪي وٽ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ جي  نتيجي ۾ پوليس اهلڪار داد محمد جعفري ۽  بابل معرفاڻي قتل ٿي ويا هئا جڏهن ته پوليس اهلڪار لکمير جعفري، فريد معرفاڻي ۽ ستار بروهي زخمي ٿي پيا هئا.

زخمي ٿيل پوليس اهلڪار لکمير جعفري کي لاڙڪاڻي جي اسپتال داخل ڪرايو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس اهلڪار لکمير جعفري جي اسپتال ۾ دم ڏيڻ بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد پوليس اهلڪار لکمير جعفري جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,162FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
33 %
3kmh
3 %
اڱارو
25 °
اربع
29 °
خميس
30 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون