ڳڙهي ياسين ۾ مهر، معرفاڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڳڙهي ياسين ۾ مهر، معرفاڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.

ڇنڇر ڏينهن ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ڊکڻ ناڪي وٽ هٿياربندن جي هوٽل تي فائرنگ جي  نتيجي ۾ پوليس اهلڪار داد محمد جعفري ۽  بابل معرفاڻي قتل ٿي ويا هئا جڏهن ته پوليس اهلڪار لکمير جعفري، فريد معرفاڻي ۽ ستار بروهي زخمي ٿي پيا هئا.

زخمي ٿيل پوليس اهلڪار لکمير جعفري کي لاڙڪاڻي جي اسپتال داخل ڪرايو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس اهلڪار لکمير جعفري جي اسپتال ۾ دم ڏيڻ بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد پوليس اهلڪار لکمير جعفري جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
32%
1.9m/s
0%
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون