ڳڙھي حسن ويجهو معصوم نينگر پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.
ڳوٺ دين محمد ڳڙهه ۾ چئن ورھين جو نويد پُٽ الهه ڏنو لاشاري راند ڪندي واھ ۾ ڪري ٻُڏي ويو.
وارثن ڳولا بعد نينگر جو لاش ڳوٺ ڀرسان واھ مان هٿ ڪري ورتو.
فوتي ٻارڙي جو لاش واهه مان ڪڍي گهر پهچائڻ تي روڄ رارو مچي ويو. وارثن موجب سندن نينگر گهر ٻاهران راند ڪندي واهه ۾ ڪرڻ سبب ٻڏي فوت ٿيو آهي.