تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ھالاڻي ۾ مسافرن کان ڦر، متاثرن جو بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
هالاڻي ڀرسان روهڙي ڪئنال وٽ قومي شاهراهه ٽن ڏينهن کان بند هئڻ ڪري هٿياربند ٽن ويگنن جي مسافرن کان ڦر لٽ ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته متاثرن پاران ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. روهڙي ڪئنال وٽ قومي شاهراهه ٽن ڏينهن کان بند هئڻ ڪري گاڏين جون قطارون لڳل آهن. ٽي هٿياربند هٿيارن جي زور تي ٽن ويگنن جي مسافرن کان روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. متاثرن عبدالڪريم شر، عطا محمد منگي، فراز علي لنجار ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هٿياربند هٿيارن جي زور تي ويگنن مان مسافرن کي لاهي روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مسافرن کان ٿيل ڦر واپس ڪرائي روڊ کولرايو وڃي ته جئين ماڻهو پنهنجي منزل تي پهچن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون