آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران چين جو سهڪار ساراهه جوڳو آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران چين جو سهڪار ساراهه جوڳو آهي. چين جي 75 هين سالگرهه تي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم شهباز شريف چيني قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي جبل جيان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي. هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو تحت پاڪستان ۽ چين وچ  ۾  بي ٽو بي رابطا وڌندا، سي پيڪ فيز ٽو سان آءِ ٽي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ملندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ هميشه بهتر ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان هانگ ڪانگ، تائيوان ۽ ٻين عالمي معاملن تي چين جي حمايت ڪري ٿو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين ٻئي مضبوط دوست رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته چين ٽيڪنالاجي ۽ معاشي ميدان ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته سالگرهه جي موقعي تي چيني عوام کي مبارڪون ڏين ٿا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
13%
3.3m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون