- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران چين جو سهڪار ساراهه جوڳو آهي.
چين جي 75 هين سالگرهه تي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم شهباز شريف چيني قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي جبل جيان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي.
هن چيو ته سي پيڪ فيز ٽو تحت پاڪستان ۽ چين وچ ۾ بي ٽو بي رابطا وڌندا، سي پيڪ فيز ٽو سان آءِ ٽي، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ملندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ هميشه بهتر ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان هانگ ڪانگ، تائيوان ۽ ٻين عالمي معاملن تي چين جي حمايت ڪري ٿو.
ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين ٻئي مضبوط دوست رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته چين ٽيڪنالاجي ۽ معاشي ميدان ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته سالگرهه جي موقعي تي چيني عوام کي مبارڪون ڏين ٿا.- Advertisement -
