تازه ترين

آءِ ايم ايف هلندڙ مهيني جي آخر تائين قرض جاري ڪري سگهي ٿو : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته آءِ ايم ايف هلندڙ مهيني جي آخر تائين قرض جاري ڪري سگهي ٿو، آءِ ايم ايف سان ڊگهو پروگرام ضروري آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچيج تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرا وڌي ويا آهن، نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن کي کپائڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان بابت آءِ ايم ايف بورڊ جو فيصلو هلندڙ هفتي اچڻ جو امڪان آهي ۽ هفتي جي آخر تائين قسط ملڻ سان پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿي ويندا. هن چيو ته پاڪستان 24 هين آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڃي رهيو آهي پر پوءِ به ڪنهن به پروگرام بابت چوڻ وقت کان اڳ  هوندو. سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ مالياتي خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان جو پروگرام آهي ۽ ڪير هنن کان ڪجهه نه ڪرائي رهيو آهي، بجلي ۽ گئس جي اگهن بابت سندن پنهنجون اوليتون آهن. محمد اورنگزيب چيو ته واپارين جي رجسٽريشن بابت مستقبل ۾ ڏٺو ويندو،  اميد آهي ته اسڪيم سان بهتري ايندي ۽ ڪنهن به قسم جي ڳڻتي جي ڳالهه ناهي. هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ ناڻي واڌ تي ضابطي لاءِ قدم کنيا آهن،  حڪومتي قدمن سبب ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي، پاليسي ريٽ برقرار رکيو ويو آهي، حڪومت زراعت ۽ صنعتي شعبي کي هٿي ڏئي رهي آهي،  حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. محمد اورنگزيب چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ڪڏهن هيٺ تي ڪڏهن مٿي وڃي رهي آهي، هن وقت اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون