آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستاني معيشيت درست رخ ۾ اڳتي وڃي رهي آهي

- Advertisement -
آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستاني معيشيت درست رخ ۾ اڳتي وڃي رهي آهي، ترقيءَ جي شرح 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، پاڪستان ڊالرن جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ سرحدن تي ڪنٽرول ڪيو، زرعي شعبو 5 ڏهائي هڪ جي شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب، حڪومتي ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 4 ڏهائي 5 مان وڌي 8 ڏهائي 2 ارب ڊالر ٿي ويا آهن جڏهن ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ 2023ع کان معيشت صحيح رستي تي هلي رهي آهي، پاڪستان معاشي بهتري جا سمورا هدف حاصل ڪري ورتا آهن، پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته صنعتي شعبو ڏکيائين جو شڪار آهي جنهن جي ترقي جي شرح 2.5 سيڪڙو آهي. عالمي مالياتي فنڊ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ پنج ڏهائي هڪ سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال روينيو ۽ گرانٽس جي ڊي پي 12 ڏهائي 5 سيڪڙو رهي سگهي ٿي. آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ڊالرن جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ سرحدن تي ڪنٽرول ڪيو، هلندڙ مالي سال جي بجيٽ خساري جي، جي ڊي پي 7 ڏهائي 6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي، جي ڊي پي هڪ ڏهائي 6 سيڪڙو تائين رهي سگهي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.2 ° C
27.2 °
27.2 °
31%
4.7m/s
8%
آچر
26 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون