- Advertisement -
آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستاني معيشيت درست رخ ۾ اڳتي وڃي رهي آهي، ترقيءَ جي شرح 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، پاڪستان ڊالرن جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ سرحدن تي ڪنٽرول ڪيو، زرعي شعبو 5 ڏهائي هڪ جي شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي.
آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب، حڪومتي ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا 4 ڏهائي 5 مان وڌي 8 ڏهائي 2 ارب ڊالر ٿي ويا آهن جڏهن ته هلندڙ مالي سال پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ 2023ع کان معيشت صحيح رستي تي هلي رهي آهي، پاڪستان معاشي بهتري جا سمورا هدف حاصل ڪري ورتا آهن، پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.
آءِ ايم ايف جي رپورٽ موجب، هلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته صنعتي شعبو ڏکيائين جو شڪار آهي جنهن جي ترقي جي شرح 2.5 سيڪڙو آهي.
عالمي مالياتي فنڊ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ زرعي شعبي ۾ پنج ڏهائي هڪ سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهيو آهي جڏهن ته هلندڙ مالي سال روينيو ۽ گرانٽس جي ڊي پي 12 ڏهائي 5 سيڪڙو رهي سگهي ٿي.
آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ڊالرن جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ سرحدن تي ڪنٽرول ڪيو، هلندڙ مالي سال جي بجيٽ خساري جي، جي ڊي پي 7 ڏهائي 6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي، جي ڊي پي هڪ ڏهائي 6 سيڪڙو تائين رهي سگهي ٿي.- Advertisement -
