- Advertisement -
آءِ بي اي پوليس ڪانسٽيبل جي لکت واري امتحان جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن.
آءِ بي اي سيپٽمبر 2024ع ۾ ورتل امتحان جي نتيجن جو اعلان ڪيو آهي.
ترجمان موجب لکت وارو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن جو نتيجو اپلوڊ ڪيو ويو آهي، اميدوارن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پاسنگ مارڪون 40 مقرر ڪيون ويون هيون.
ترجمان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته اميدوار نتيجن جي اعلان بعد 15 ڏينهن اندر سوال جمع ڪرائي سگهن ٿا.
پوليس ڪانسٽيبل گريڊ 7لاءِ 40 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس قرار ڏنو ويو آهي.- Advertisement -
