- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، سنڌ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن کي عيد جون واڌايون ڏنيون آهن.
جاري ڪيل بيان۾ آءِ جي سنڌ رمضان جي ڀلاري مهيني دوران ۽ عيد جي نماز جي اجتماعن جي سڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جو نظام بهتر نموني سرانجام ڏيڻ تي آفيسرن توڙي اهلڪارن کي شاباس ڏيندي سندن واکاڻ ڪئي.
غلام نبي ميمڻ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن کي به پوليس جي مڪمل سپورٽ ۽ مدد کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو.
آءِ جي سنڌ چيو ته کيس اميد آهي ته سنڌ پوليس پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو تسلسل جاري رکندي ايندڙ سمورن اهم ايونٽن ۾ پهرين دستي طور اڳري رهندي………- Advertisement -
