آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي حڪومت سڌي ريت پوليس لاءِ بجيٽ رکي، 6 ملين جي بجيٽ ۾ هلندڙ سال وڌيڪ اضافو ٿيندو، ايس ايڇ اوز کي بجيٽ ۽ ان جي استعمال جو اختيار ڏنو ويو آهي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪراچي ۾ ٽريننگ آف ٽرينرز ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
سينٽرل پوليس آفيس جي ٽريننگ برانچ سنڌ پاران منعقد ڪيل ورڪشاپ ۾ 64 پوليس اهلڪارن هيڊ محرر جي تربيت حاصل ڪئي.
ٽريننگ جو مقصد مستقبل ۾ هيڊ محرر جي سکيا لاءِ صوبي ۾ ماسٽر ٽرينر فراهم ڪرڻ هو.
ڊي آءِ جي ٽريننگ پاران آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي ورڪشاپ بابت بريفنگ ڏني وئي.
تقريب ۾ رٽائرڊ اي آءِ جي شيخ امين، ڊپٽي ڊائريڪٽر ممتاز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
پروگرام ۾ 7 انسپيڪٽرن، 5 سب انسپيڪٽرن، ٽن اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرن ۽ ٻين حصو ورتو.
تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته هيڊ محرر لاءِ چونڊيل اهلڪارن کي مستقبل ۾ اهي ئي ٽرينر ٽريننگ ڏيندا.
هن چيو ته گذريل هڪ سال دوران هيڊ محرر ڪورس جون 43 بيجز پاس آئوٽ ٿيون آهن.
سندس چوڻ هو ته هن ٽريننگ جا نتيجا اڳتي هلي نظر ايندا.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته هنن ايس ايڇ اوز کي بجيٽ ۽ ڊي ڊي او تحت ان کي استعمال ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي.
هن چيو ته ڊي ڊي اوز جي اختيار ۾ رڳو انسپيڪٽر نه پر سب انسپيڪٽر به شامل آهن، ٽيم طور ڪم ٿيندو ته پوليسنگ ۾ تبديلي ايندي……
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڪراچي ۾ ٽريننگ آف ٽرينرز ورڪشاپ جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5
°
C
9.5
°
9.5
°
26%
2m/s
0%
اربع
20
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
16
°


