- Advertisement -
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 جي افتتاحي ميچ ۾ ڪينيڊا ميزبان امريڪا کي کٽڻ لاءِ 195 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
ڊيلس ۾ جاري جاري گروپ اَي جي ميچ ۾ امريڪا جي ڪپتان مونانگ پٽيل ٽاس کٽي ڪينيڊا کي پهريان بيٽنگ کي دعوت ڏني.
ڪينيڊا مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون جڏهن ته آمريڪا خلاف شاندار بيٽنگ ڪندي نونيت ڊاليوال 61 رنسن جي بهترين اننگز کيڏي.
ان کان علاوه نڪولس ڪرٽين 51، ارون جانسن 23 رنسون، دلپريت باجوا 11 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته شرياس مووا 32 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
آمريڪا طرفان علي خان، هرميت سنگهه ۽ ڪوري اينڊرسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ٽاس جي موقعي تي آمريڪي ڪپتان مونانڪ پٽيل چيو ته پهرين فيلڊنگ جو فيصلو وڪيٽ ڏسي ڪري ڪيو ويندو آهي، هدف حاصل ڪندا، وڪيٽ پهرين اننگز ۾ بالرز کي مدد فراهم ڪندي………..- Advertisement -
