آئيني ترميمون پارليامينٽ جو اختيار آهي، بندوق جي زور تي ڪا به ترميم نه ڪئي ويندي:شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آئيني ترميمون پارليامينٽ جو اختيار آهي، بندوق جي زور تي ڪا به ترميم نه ڪئي ويندي، نمبر پورا ٿيندي ئي آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، ميثاق جمهوريت ۾ عدالتي سڌارا به شامل آهن،  پي ٽي آءِ گهٽ نمبرن سان غير آئيني ڪم ڪري چڪي آهي، تحريڪ انصاف وارا سوشل ميڊيا جا دهشتگرد آهن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان هڪ سينيئر سياستدان آهي، جمهوريت ۾ هر ماڻهو پنهنجي راءَ جو حق ۽ سوچ رکندو آهي. سندس چوڻ هو ته هو تحريڪ انصاف باني ناهن جو جڏهن دل چئي ڪنهن به کڻن، آئيني ترميمون پارليامينٽ جو اختيار آهي، بندوق جي زور تي ڪا به ترميم نه ڪئي ويندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نمبر پورا ٿيندي ئي آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي، ميثاق جمهوريت ۾ عدالتي سڌارا به شامل آهن،  پي ٽي آءِ گهٽ نمبرن سان غير آئيني ڪم ڪري چڪي آهي. هن چيو ته برساتن بعد جتي جتي روڊن تي مسئلا اچي رهيا آهن، اتي ڪم شروع ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت سمهي نه پر ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ڪيپيٽل هل ۾ جن حملو ڪيو، کين پندرهه پندرهه سال جي سزا ٻڌائي وئي، تحريڪ انصاف باني ڪو غلط ڪم نه ڪيو هوندو ته آزاد ٿي ويندو، هي عوام جي سامهون اچي ۽ پنهنجي غلطين تي معافي وٺي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڻي جو پهريون حق پڇڙي کي هوندو آهي، ڀارت جڏهن ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ان تي پاڪستان احتجاج ڪيو هو، ارسا ايڪٽ خلاف هاڻي ڪجهه سياسي پارٽين اک کولي آهي، پيپلزپارٽي اڳ ئي سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ آندو جيڪو منظور ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ڪجهه پارٽيون ارسا ايڪٽ ترميم تي احتجاج ڪري رهيون آهن ته کين اڳ سجاڳ ٿيڻ گهرجي ها، پيپلزپارٽي پاڻي تي ڪڏهن به حملو ڪرڻ نه ڏيندي، نگران حڪومت ۾ به ارسا ايڪٽ بابت ڳالهيون ٿيون.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
2 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
0.9m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون