پاڪستان قومي تراني جي احترام ۾ نه بيهڻ بابت افغان قونصل جنرل جي وضاحت رد ڪري ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان قومي تراني جي احترام ۾ نه بيهڻ بابت افغان قونصل جنرل جي وضاحت رد ڪري ڇڏي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته افغان قونصل جنرل کي پاڪستان ۾ سفارتڪار جو درجو مليل آهي، قومي تراني جي احترام ۾ اٿي نه بيهڻ بابت وضاحت قبول ناهي، پاڪستان لبنان جي سلامتي ۽ خودمختياري جي حمايت ڪري ٿو، عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي تي اسرائيل کان جواب طلب ڪيو وڃي، لبنان ۾ ڊوائسز ذريعي بم حملا نه قبولڻ جوڳا آهن. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اسرائيلي فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، والاريل ڪشمير ۾ جڙتو رياستي چونڊون ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميرين جي اميدن موجب چاهي ٿو، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته وزيراعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيندو، جتي هو اجلاس جي سائيڊ لائينز تي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سان به ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪنهن به ميزبان ملڪ جي قومي تراني جي بيحرمتي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، افغان سفارتخاني جي وضاحت کي رد ڪن ٿا، جيڪو به سفارتي سطح تي موجود هجي ان کي پاڪستان جي قومي تراني جو احترام ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
23%
2.5m/s
0%
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون