- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هنن صدر کان سمورا اختيار وٺي وزيراعظم کي ڏنا ته عدالت جا ڇو نه؟ آئيني ترميم نه ٿي ته حالتون ڪنٽرول مان ٻاهر نڪري وينديون، 25 آڪٽوبر تائين آئيني ترميم منظور ٿيڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ پريس ايسوسيئشن جي وفد پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هنن ته قومي اسيمبلي جي مٿان به سينيٽ کي رکيو آهي، افتخار چوڌري جي زماني ۾ عدليا حڪومت جي مٿان حڪومت ٺهي هئي.
هن چيو ته سياستدان واپس سياست جي دائري ۾ اچن، ڪير بڻجندو وزيراعظم واري راند ختم ڪئي وڃي، ڪير چيف بڻجندو، اها راند به ختم ٿيڻ گهرجي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حالتون اهڙيون خراب ٿي چڪيون آهن جو چيو وڃي ٿو ته جيڪو پي ٽي آءِ باني سان گڏ آهي اهو ئي ٺيڪ آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته هنن صدر کان سمورا اختيار وٺي وزيراعظم کي ڏنا ته عدالت جا ڇو نه؟ آئيني ترميم نه ٿي ته حالتون ڪنٽرول مان ٻاهر نڪري وينديون، 25 آڪٽوبر تائين آئيني ترميم منظور ٿيڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ بانيءَ جي ملٽري ٽرائل بابت سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 9 مئي جا واقعا بغاوت جيان هئا، هاڻي ڏسڻو آهي ته شاهديون ڪهڙيون آهن، هونئن صدارتي معافي جو اختيار به وٽن موجود آهي.- Advertisement -
