آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي

- Advertisement -
آئيني ترميم واري معاملي تي اڳڀرائي نه ٿيڻ سبب قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ ۽ هائيڪورٽن جي ججن جي ملازمت ۾ اضافي ۽ نئين آئيني عدالت قائم ڪرڻ سميت ٻين ترميمن جي منظوري لاءِ آچر ڏينهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس طلب ڪيا ويا، پر مولانا فضل الرحمان ۽ مخالف ڌر جي اعتراضن توڙي تجويزن سبب آئيني ترميمون منظوريءَ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش نه ٿي سگهيون. سينيٽ جي اجلاس جو وقت به ٽي ڀيرا تبديل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽيءَ جا به هڪ ئي ڏينهن ۾ چار اجلاس ٿيا، جنهن ۾ سمورين تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اڄ به آئيني ترميمن تي سمورين پارٽين جو راضپو نه هجڻ سبب پهريان سينيٽ ۽ پوءِ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
32%
4.2m/s
22%
اربع
21 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون