آئين ٺاهڻ ۽ قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آئين ٺاهڻ ۽ قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي، آئين تحت پارليامينٽ سڀ کان وڌيڪ سپريم ادارو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪري چڪو آهي ته پيپلزپارٽي آئين جي حفاظت ڪندي. سندس چوڻ هو ته پ پ ملڪ ۾ آئين جي بالادستي تي يقين رکي ٿي، صدر آصف علي زرداري پنهنجي پهرين حڪومت ۾ پارليامينٽ کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪيو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر آصف علي زرداري صدارتي اختيار پارليامينٽ کي منتقل ڪيا. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري صدارتي اختيارن ۾ گهٽتائي ڪري پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪيو. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي هر اداري جي ذميواري آهي ته هو پارليامينٽ مان منظور ٿيل آئين تي عمل ڪري، جمهوريت جي استحڪام ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ جدوجهد پيپلزپارٽي جي تاريخ رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون