تازه ترين

سائنسدانن ڪتن جون حيران ڪندڙ صلاحيتون ڳولهي ورتيون

ڪتن کي انسانن جو بهترين دوست قرار ڏنو ويندو آهي، ڪتن ۾ سِنگهڻ جي صلاحيت بهترين هوندي آهي .

سائنسدانن ڪتن جي صلاحيتن جو انڪشاف ڪيو آهي ته ڪتا چپل، ڪپڙا ۽ پاڻ سان لاڳاپيل مختلف شين جا نالا ۽ لفظ سمجهندا آهن.

هنگري جي يونيورسٽي جا سائنسدان گهڻي عرصي کان اهو جاچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ڪتا لفظ جي معنيٰ سمجهڻ جي صلاحيت رکن ٿا يا نه ؟

ماضي ۾ ٿيل تحقيقي رپورٽس ۾ اشارو مليو هو ته ڪتا مخصوص شين سان ڳنڍيل لفظ سمجهي ويندا آهن پر معلوم نه هو ته انهن جو دماغ ان حوالي سان ڪم ڪندو آهي .

نئين تحقيق ۾ 18 ڪتن کي سندن مالڪن سان گڏ ليبارٽري گهرايو ويو، سمورن ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي ته هو 5 اهڙيون شيون به پاڻ سان گڏ کڻي اچن جنهن مان ڪتا واقف هجن.

ليبارٽري ۾ انهن ماڻهن کي هدايت ڪئي وئي ته هو اهي شيون ڪتن کي ڏيکاري کائڻ کان اڳ انهن جو نالو کڻن ۽ پوءِ صحيح يا ڪا ٻي شئي کارائين .

ان تجربي کي ڪيترائي ڀيرا دهرايو ويو ۽ ان دوران ڪتن جي دماغي سرگرمين جو مشاهدو اي اي جي ذريعي ڪيو ويو.

نتيجن مان معلوم ٿيو ته نالو سڏڻ سان گڏ صحيح يا غلط شئي کارائڻ تي ڪتن جي دماغ ۾ مختلف لهرون اجاڳر ٿين ٿيون .

تحقيق ڪندڙن ٻڌايو ته نتيجن سان ثابت ٿيو ته ڪتا مخصوص لفظ ۽ انهن جو مطلب سمجهندا آهن، هو اهو نه ٿا چوڻ چاهين ته ڪتي جو دماغ انسان جيان نه سمجهندا آهن پر هو ڪنهن حد تائين لفظن کي سمجهندا آهن .

سائنسدانن جو چوڻ هو ته ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته ڪتن جي سمجهڻ جي صلاحيت ڪهڙي آهي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
43 %
1.7kmh
10 %
ڇنڇر
16 °
آچر
22 °
سُومر
19 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °

تازه ترين خبرون