- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير ايراني چيف آف جنرل اسٽاف سان فون تي رابطو ڪري ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي تعزيت ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف پاڪ فوج جي سموري رينڪس طرفان مرحوم جي روح کي ايصال ثواب لاءِ دعا ۽ سوڳوار خاندانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ايراني صدر ۽ سندس ساٿين جي فوتگي تي ڏک جو اظهار ڪيو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير امير عبدالله پاڪستان جا سچا دوست هئا.
ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ايراني صدر ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جا سٺا دوست هئا.
هن چيو ته ٻنهي ايراني اڳواڻن ۽ ساٿين جي نقصان جو ازالو نٿو ڪري سگهجي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جا ايران سان تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائرن جهڙا لاڳاپا آهن.
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي هٿياربند فوج هميشه گڏ بيٺي آهي.- Advertisement -
