- Advertisement -
سعودي عرب جي نائب بچاءَ واري وزير آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ دفاعي پيداوار ۽ فوجي تربيت سميت مختلف معاملن تي سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، سعودي عرب جي نائب بچاءَ واري وزير ميجر جنرل انجيئر طلال بن عبدالله العتيبي جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي نائب بچاءَ واري وزير، آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات ۾ دفاعي پيداوار ۽ فوجي تربيت سميت مختلف معاملن تي سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف، رائل سعودي لينڊ فورسز جي صلاحيت لاءِ پاڪ فوج جي مسلسل حمايت جو عزم ڪيو، معزز مهمان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي ڪاميابين، قربانين ۽ علاقائي امن استحڪام لاءِ فوج جي خدمتن جو اعتراف ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، سعودي عرب جي نائب بچاءَ واري وزير، جي ايڇ ڪيو ۾ پاڪستان سعودي دفاعي سهڪار جي پنجين اجلاس ۾ به شرڪت ڪئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ سعودي نائب بچاءَ واري وزير گڏيل صدارت ڪئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فورم ۾ عالمي ۽ علاقائي سلامتي کي پيش ايندڙ چئلينجن ۽ دفاعي فوج تي اثرن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايس پي آر موجب، فورم ۾ نوٽ ڪيو ويو ته جديد ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان ترقي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم صلاحيتن ۾ دفاعي صنعتي سهڪار جي ضرورت آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين زميني، هوائي ۽ سامونڊي ڊومينز ۾ مخصوص صلاحيتن جي حاصلات لاءِ سهڪار تي ڌيان ڏيڻ جو وچن ورجايو.- Advertisement -
