آزاد ڪشمير جي وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ جو فيصلو نه ٿي سگهيو، پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ ڇڪتاڻ سبب بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ تي ڊيڊ لاڪ برقرار

- Advertisement -
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق خلاف بي اعتمادي رٿ جو فيصلو نه ٿي سگهيو، پ پ ۽ مسلم ليگ ن ۾ ڇڪتاڻ سبب بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ذريعن موجب، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن اڃا تائين قائد ايوان جي نامزگي نه ڪئي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڏيهه واپسي تي ئي بي اعتمادي رٿ بابت فيصلو ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا طور مسلم ليگ نون جو وقت کان اڳ اليڪشن جو مطالبو دير جو سبب آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير حڪومت جي 80 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ اڃا خرچ ٿيڻي آهي. ذريعن موجب، موجوده اسيمبليءَ جو مدو جولاءِ 2026ع ۾ ختم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته مسلم ليگ نون جو مطالبو آهي ته مارچ 2026ع ۾ چونڊون ڪرايون وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي طرفان اسيمبلي مدو مڪمل ڪرڻ سبب ڊيڊلاڪ برقرا آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
11 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
31.5 ° C
31.5 °
31.5 °
13%
2.5m/s
5%
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون