- Advertisement -
ويب لا……
پرڏيهي خابرون اداري موجب 93 ورهين جي روپرٽ مرڊوڪ، 67 ورهين جي روس جي اڳوڻي بايولوجسٽ ماهر ايلينا زوڪوف سان ڪيليفورنيا ۾ شادي ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب ايلينا زوڪوف جي هي ٻي شادي آهي، روپرٽ سان سندس پهرين ملاقات هڪ تقريب ۾ ٿي هئي، جيڪا پارٽي سندس اڳوڻي گهر واري رکرائي هئي.
بزنس مين ۽ ميڊيا ٽائڪون روپرٽ مرڊوڪ اڳئي چئن ٻارن جو پيءُ آهي، اهي ٻار سندس پهرين گهر واري پيٽريشيا بوڪر مان آهن.
روپرٽ مرڊوڪ هن کان اڳ آسٽريليا جي فلائيٽ اٽينڊينٽ پيٽريشيا بوڪر، اسڪاٽش ڄائي صحافڻ اينا مان، چيني صنعتڪار ونڊي ڊينگ ۽ آمريڪي ماڊل ۽ اداڪار جيري هال سان به پرڻا ڪري چڪو آهي.
ياد رهي ته آسٽريليا جي ٽي وي چينل فاڪس نيوز، برطانوي اخبار دي ٽائيمز آف لنڊن ۽ آمريڪي رسالي دي وال اسٽريٽ جرنل، روپرٽ مرڊوڪ جي ميڊيا امپائرز ۾ شامل آهن………..- Advertisement -
