- Advertisement -
سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ رمارڪس ڏنا آهن ته بيٽ جي نشان واري فيصلي تي ماڻهن کي گمراهه ڪيو ويو، تاثر ڏنو ويو ته سياسي پارٽي ختم ۽ جنازو نڪري ويو ويو، سياسي مسئلا پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجن، هر مسئلو سپريم ڪورٽ ۾ ڇو ايندو آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي ٻڌايو ته جن کي واڌو سيٽون ڏنيون ويون، اهي فائدو وٺندڙ آهن، مجموعي طور تي 77 تڪراري سيٽون آهن، جن ۾ قومي اسيمبليءَ جون 22 ۽ صوبائي اسيمبلين جون 55 سيٽون شامل آهن.
هن چيو ته کٽيندڙ اميدوارن پارٽيءَ جو سرٽيفڪيٽ لڳايو هو، ان باوجود اليڪشن ڪميشن چئي ڇڏيو ته اهي آزاد اميدوار آهن.
جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ڇا اليڪشن ڪميشن کي اهو اختيار آهي ته اها پاڻ ڪنهن کي آزاد قرار ڏي؟
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا بينيفشري پارٽين مان ڪو عدالت ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي حمايت ڪري ٿو؟
سمورين سياسي پارٽين سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست جي مخالفت ڪئي،چيف جسٽس چيو ته ان جو مطلب اوهان سڀ اضافي سيٽون رکڻ چاهيو ٿا.
جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا چونڊ نشان واپس ٿيڻ سان سياسي پارٽي سمورن حقن کان محروم ٿي ويندي آهي؟
جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته چونڊ واپس ٿيڻ بعد آرٽيڪل 17 تحت قائم سياسي پارٽيءَ ختم ٿي وئي؟ ڇا چونڊ نشان واپس ٿيڻ تي سياسي پارٽي اميدوار نه ٿي بيهاري سگهي؟ تاثر ته ائين ڏنو ويو ته ڄڻ سياسي پارٽي ختم ٿي وئي ۽ جنازو نڪري ويو.
فيصل صديقيءَ جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ لسٽون جمع ڪرايون پر اليڪشن ڪميشن تسليم نه ڪيون.
چيف جسٽس، وڪيل فيصل صديقي کي ججن جي سوالن جو جواب ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو.
فيصل صديقي مرڪندي چيو ته شڪر آهي ته اوهان سوال نه پڇيو، ان تي جسٽس منيب اختر چيو ته فل ڪورٽ ۾ ويهڻ جو مزو ۽ تڪليف اها ئي آهي.
جسٽس منيب پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيش موجب سني اتحاد ڪائونسل چونڊن ۾ ڪا به سيٽ نه کٽي، اليڪشن ڪميشن جي حڪم ڪو جواز نه پيدا ٿو ٿئي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن ا ائين ٿئي ته سني اتحاد نه پر سيٽون پي ٽي آءِ کي ملنديون، عوام ڪنهن آزاد اميدوار کي نه پر سياسي پارٽيءَ جي نامزد اميدوار کي ووٽ ڏنا.
چيف جسٽس هڪ ڀيرو ٻيهر ججن جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان روڪيندي چيو ته فيصل صاحب اسان اوهان کي ٻڌڻ لاءِ ويٺا آهيون.
جسٽس منيب اختر چيو ته اهو هڪ غير ذميواراڻو بيان آهي، فل ڪورٽ ۾ هر جج کي سوال پڇڻ جو اختيار ۽ حق حاصل آهي، ان قسم جي غير ذميواراڻي بيان کي تسليم نٿو ڪري سگهجي.
چيف جسٽس چيو ته فيصل صاحب اوهان اڳتي وَڌو، هن هلڪي ڦلڪي انداز ۾ ڳالهه ڪئي هئي.
جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن آزاد اميدوارن کي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت کان ناهي روڪيو، جڏهن ٽن ڏينهن جو وقت گذريو ويو مخصوص سيٽون نه ملنديون، اليڪشن ڪميشن پهريان شموليت کي درست تسليم ڪيو بعد ۾ مخصوص سيٽون نه ڏنيون ويون، اسيمبلي ميمبر چئي سگهي ٿو ته شموليت کان نه روڪيو ويو ته هاڻي حق به ڏي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته بيٽ جي نشان واي فيصلي تي ماڻهن کي گمراهه ڪيو ويو، آزاد اميدوار پي ٽي آءِ ۾ به شامل ٿي سگهن پيا، ان تي ڪا به پابندي نه هئي.
چيف جسٽس، وڪيل کي چيو ته اوهان پي ٽي آءِ طرفان نه ٿا ڳالهائي سگهو؟ سندس قلم اڌ ڪلاڪ کان ڪجهه به ناهي لکيو.
فيصل صديقي چيو ته هو پهريان حقيقتون سامهون رکي رهيو آهي.
جسٽس منيب اختر چيو ته هو حقيقتون ڇو نه ڏسن، سني اتحاد ڪائونسل سندن آڏو ان ڪري آهي جو ان ۾ پي ٽي آءِ جا کٽيل ماڻهو شامل آهن.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ان معاملي ۾ ٻه شيون آهن هڪ پارٽي لسٽ اڳ ۾ هجڻ گهرجي ها، ٻي ڳالهه ته اليڪشن ۾ سيٽون حاصل ڪرڻ.
فيصل صديقيءَ دليل ڏنا ته قانون موجب مخصوص سيٽن لاءِ ڪنهن پارٽيءَ جو اليڪشن وڙهڻ ضروري ناهي، آزاد اميدوار به پارٽيءَ ۾ شامل ٿئي ته مخصوص سيٽون ڏنيون وينديون آهن، بيٽ وٺي کين چيو ويو ته هاڻي بيٽنگ ڪريو.
جسٽس عرفان سعاد چيو ته جيڪڏهن مومن هجي ته بنا تلوار به وڙهندو آهي.
چيف جسٽس چيو ته سياسي مسئلا پارليامينٽ ۾ حل ٿيڻ گهرجن، هر مسئلو سپريم ڪورٽ ۾ ڇو ايندو آهي؟
جسٽس اطهر من الله چيو ته هر دور ۾ ڪا نه ڪا پارٽي عتاب هيٺ رهي آهي، پيپلزپارٽيءَ کان تلوار جو نشان کسيو ويو، ن ليگ سان به ائين ٿيو.
سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
