تازه ترين

آمريڪا، مصر ۽ قطر طرفان غزه بندي ڳالهين جي سلسلي ۾ امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ اوڀر جي دوري تي تل ابيب پهچي ويو

- Advertisement -
آمريڪا، مصر ۽ قطر طرفان غزه بندي ڳالهين جي سلسلي ۾ امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ اوڀر جي دوري تي تل ابيب پهچي ويو. امريڪي پرڏيهي کاتي موجب، انٽوني بلنڪن اسرائيلي وزيراعظم نتين ياهو، صدر اسحاق هرزوگ ۽ ٻين اسرائيلي عملدارن سان ملاقات ڪندو، اسرائيل کانپوءِ امريڪي پرڏيهي وزير مصر جو به دورو ڪندو. امريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي وچ اوڀر جي دوري جو مقصد جنگ بندي معاهدي لاءِ سفارتي دٻاءُ وڌائڻ آهي. واضع رهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کانپوءِ انٽوني بلنڪن جو وچ اوڀر جو هي 10 هون دورو آهي. ٻئي پاسي امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو سعودي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سان به ٽيليفونڪ رابطوٿيو آهي. سعودي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ٽيليفونڪ رابطي دوران غزا، يمن ۽ سوڊان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
39 %
0.7kmh
0 %
جمعو
23 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون