- Advertisement -
اسرائيل کي هٿيار وڪرو ڪرڻ تي برطانوي پرڏيهي آفيس جي عملدار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
برطانوي ميڊيا موجب، مستعفي مارڪ اسمٿ جو چوڻ آهي ته هن پرڏيهي آفيس ۾هر سطح تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو، غزا ۾ روزانو اسرائيلي جي جنگ ڏوهن جا مثال ڏٺا آهن.
هن چيو ته برطانيا کي اسرائيل کي تسلسل سان هٿيارن جي فراهمي جو ڪو جواز نه ٿو ٺهي، هٿيارن جي وڪري ۾ شفافيت جو خيال رکڻ برطانوي وزيرن جي دعويٰ حقيقت جي ابتڙ آهي.
مارڪ سمٿ جو چوڻ هو ته برطانوي حڪومت به شايد اسرائيل جي جنگي ڏوهن ۾ ملوث آهي.
ٻئي پاسي خبر تي رد عمل ڏيندي برطانوي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آحي ته حڪومت عالمي قانونن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي وزير ڊويڊ ليميَ اسرائيل جي عالمي قانونن تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو جائز وٺي رهيو آهي.- Advertisement -
