- Advertisement -
آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي چونڊن تي لڳل الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڪيو آهي.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هنن چونڊن تي لڳندڙ الزام جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
سندس چون هو ته صرف پاڪستان ئي نه پر سڄي دنيا ۾ ڪٿي به اهڙن الزامن جي جاچ ٿيڻ گھرجي ان لاءِ الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪندا رهندا.
ميٿو ملر جو چوڻ هو ته امريڪا حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ان سان گڏ ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي، گڏيل حڪومت پاڪستان جو اندروني معاملو آهي.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪيترائي ملڪ جتي پارلياماني نظام حڪومت آهي، هڪ پارٽيءَ جي اڪثريت قائم نه هجي اتي اهڙي قسم جا اتحاد ٺهندا آهن، ان جو فيصلو امريڪا کي نه پر پاڪستان کي ڪرڻو آهي.- Advertisement -
