اسرائيلي فوج جي ڏکڻ غزه ۽رفح ۾ بمباري جاري، شهيد فلسطينين جو انگ 28 هزار 500 کان وڌي ويو

- Advertisement -
اسرائيلي فوج جي ڏکڻ غزه ۽رفح ۾ بمباري جاري آهي، 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين شهيد فلسطينين جو مجموعي انگ 28 هزار 500 کان وڌي ويو آهي. اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ هوائي حملي ۾ هڪ عورت ۽ ٻن ٻارن سميت 7 ڄڻن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي حزب الله اسرائيلي فوجي اڏ تي راڪيٽ حملو ڪيو جنهن ۾ هڪ اسرائيلي فوجي مارجي ويو جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. هوڏانهن فرانسيسي صدر اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ٽيلفونڪ رابطو ڪيو. فرانسيسي صدر رفح ۾ امڪاني اسرائيلي فوجي آپريشن جي مخالفت ڪندي چيو ته رفح آپريشن عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي ۽ علائقائي ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندو. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جو چوڻ هو ته حماس طرفان ڪابه تجويز ناهي ملي، حماس جا بي مقصد مطالبا قبول نه ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون