تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

آمريڪا افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار واپس وٺي ته امن بحال ٿيندو : شفقت علي خان

- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار واپس وٺي ته امن بحال ٿيندو، افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار خط ۾ امن جي صورتحال لاءِ سنگين خطرو آهن، افغانستان جي ڌرتي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي، طورخم سرحد افغان فورسز طرفان تڪراري علائقي ۾ چوڪيون قائم ٿيڻ سبب بند ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي شفقت علي خان چيو ته پاڪستان اسرائيل طرفان غزا ۾ امداد بند ڪرڻ جي سخت مذمت ڪري ٿو، اهو قدم عالمي قانون ۽ انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن 5 مارچ تي ڀارتي پرڏيهي وزير جي ڪشمير بابت بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڪشميري عوام جا خدشا اقتصادي بحالي ذريعي حل نٿو ڪري سگهجن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائڻ موجب ضروري آهي، آزاد ڪشمير سان لاڳاپيل ڀارتي بيانن ۾ تيزي اچي رهي آهي جيڪا ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي. سندس چوڻ هو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سعودي عرب روانو ٿي چڪو آهي، جتي هو او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، اجلاس ۾ فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلمن ۽ غزا جي ماڻهن جي جبري بيدخلي خلاف حڪمت عملي جوڙي ويندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار فون تي رابطو ڪيو، جنهن ۾ افغانستان ۾ رهجي ويل هٿيارن واري معاملي تي ڳالهيون ٿيون. شفقت علي خان چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي ۽ سڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون ڪامياب رهيون آهن، پاڪستان دهشتگرد شريف الله خلاف آمريڪا سان سهڪار ڪيو جيڪو عمل دهشتگردي خلاف ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي ٺهراءَ موجب داعش جي دهشتگرد کي آمريڪا حوالي ڪيو، دهشتگرد ٽولن جا افغانستان ۾ محفوظ ٿاڪ آهن، آمريڪا سان سڪيورٽي ۽ انٽيليجنس سهڪار جاري آهي. شفقت علي خان چيو ته آمريڪا افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار واپس وٺي ته امن بحال ٿيندو، افغانستان ۾ ڇڏيل آمريڪي هٿيار خطي ۾ امن جي صورتحال لاءِ سنگين خطرو آهن، افغانستان جي ڌرتي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون