تازه ترين

آمريڪا جي پوزيشن تبديل ڪندڙ ٽن اهم رياستن ۾ صدارتي چونڊن ۾ ڪملا هيرس جي ڀيٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پوزيشن بهتر ٿي وئي

- Advertisement -
آمريڪا جي پوزيشن تبديل ڪندڙ ٽن اهم رياستن ۾ صدارتي چونڊن ۾ ڪملا هيرس جي ڀيٽ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي پوزيشن بهتر ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا  موجب آمريڪي مئگزين نيويارڪ ٽائمز ۽ سائينا ڪالج جي سروي ۾ ايري زونا، جارجيا ۽ اتر ڪيرولائنا ۾ ٽرمپ جي مقبوليت ڪاملا کان بهتر نظر اچي رهي آهي. آمريڪي صدارتي چونڊن کان 6 هفتا اڳ جاري ڪيل ان نئين سروي جي نتيجن موجب رياست ايري زونا ۾ ڪملا هيرس جي مقبوليت 45 سيڪڙو، جارجيا ۾ 45 سيڪڙو ۽ اتر ڪيرولائنا ۾ 47 سيڪڙو رهي. سروي جي نتيجن موجب مقبوليت جي لحاظ سان ڊونلڊ ٽرمپ ايري زونا ۾ 50 سيڪڙو، جارجيا ۾ 49 سيڪڙو ۽ اتر ڪيرولائنا ۾ به 49 سيڪڙو سان ڪملا هيرس کان اڳتي نظر آيو. آمريڪي اليڪشني سياست ۾ ٽنهي رياستن کي گيم چينجرز رياستون سمجهيو ويندو  آهي.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
35 %
1.8kmh
39 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون