تازه ترين

آمريڪا خالصتان جي معاملي تي پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آمريڪا خالصتان جي معاملي تي پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو، آمريڪي ترجمان جو چوڻ آهي ته آمريڪا خالصتان جي معاملي کي اظهار جي آزادي جو معاملو سمجهي ٿو.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته آمريڪا ۾ ماڻهن کي اظهار جي آزادي جو حق آهي، هو خالصتان جي غير سرڪاري ريفرنڊم تي تبصرو نه ڪندو.

هن چيو ته پهرين ترميم موجب امريڪا ۾ ماڻهن کي پرامن طريقي سان گڏ ٿيڻ جو حق آهي.

ويدانت پٽيل چيو ته ڪينيڊين وزيراعظم ٽروڊو جا ڀارت تي لڳايل الزامن تي ڳڻتي آهي، ۽ ڪينيڊا ۾ سـِک اڳواڻ جي قتل جي جاچ جو اڳتي وڌڻ انتهائي اهم آهي.

هن چيو ته آمريڪا ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته هو ڪئناڊا جي جاچ ۾ تعاون ڪري.

پاڪستان ۾ غير قانوني افغان پناهگيرن جي رهائش بابت سوال جي جواب ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته افغان پناهگيرن جي آبادڪاري ۾ پاڪستان اهم شراڪت دار رهيو آهي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.6 ° C
29.6 °
29.6 °
17 %
1.8kmh
2 %
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون