حيسڪو اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي تازو ڀرتي ٿيل 9 ايس ڊي اوز پنهنجي نوڪرين تان استعيفى ڏئي ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ڊي اوز حيسڪو انتظاميا جي غلط پاليسين ۽ وڌيڪ ڊيوٽي ڪرائڻ سبب استعيفى ڏني آهي.
حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته 9 ايس ڊي اوز جون استعيفائون منظور ڪيون ويون آهن.
حيسڪو ترجمان موجب، ايس ڊي اوز استعيفيائن ۾ ذاتي مصروفيتن ۽ گهريلو پريشانين جو سبب ڄاڻايو آهي.
ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ايس ڊي اوز حيسڪو انتظاميه جي غلط پاليسين وقت کان وڌيڪ ڊيوٽي ڪرائڻ سبب استعيفائون ڏنيون آهن.
واضع رهي ته مستعفي ايس ڊي اوز کي جون 2023 ۾ مقرري جا آرڊر ڏنا ويا هئا.
