تازه ترين

آمريڪا ۽ پاڪستان جا گڏيل سڪيورٽي مفاد آهن، دهشتگردي خطي کي غير مستحڪم ڪندي آهي : آمريڪا

آمريڪا دهشتگردي خلاف پاڪستان جي قدمن جي ساراهه ڪئي آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ پاڪستان جا گڏيل سڪيورٽي مفاد آهن، دهشتگردي خطي کي غير مستحڪم ڪندي آهي، ان کي منهن ڏيڻ ضروري آهي، علاقائي سلامتي سان لاڳاپيل خطرن کي منهن ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترجيح آهي.

پريس ڪانفرنس ڪندي ويدانت پٽيل چيو ته شهرين جي تحفظ لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

سندس چوڻ هو ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ دهشتگردي خلاف سهڪار جاري رهندو، هو پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي چاهن ٿا.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته رفاح آپريشن لاءِ اسرائيل جو ڀروسي جوڳو منصوبو ناهي ڏٺو، عالمي خدشن باوجود اسرائيل رفاح تي حملي تي روز ڀريو آهي.

هن چيو ته سک اڳواڻ جي قتل بابت ڀارتي جاچ ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته آمريڪا به معاملي کي ڏسي رهيو آهي، خدشن کان ڀارتي حڪومت کي سڌو سنئون آگاهه ڪندا رهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
109,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
29 ° C
29 °
29 °
14 %
2.4kmh
6 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
30 °
سُومر
33 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون