- Advertisement -
آمريڪا ۾ سک اڳواڻ جي قتل جي الزام هيٺ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي اهلڪار تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب، آمريڪي انصاف واري کاتي، سک فار جسٽس ڪائونسل جي اڳواڻ ۽ سکن جي ڌار رياست خالصتان جي حامي گرپتونت سنگهه پنون کي قتل ڪرڻ جي سازش جي الزام ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي اهلڪار وڪاس ياديو تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته وڪاس ياديو را لاءِ سي سي ون جو ڪوڊ استعمال ڪري رهيو هو، وڪاس ياديو تي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ فرد جرم به لاڳو ڪيو ويو آهي.
گذريل سال وڪاس ياديو تي گرپتونت سنگهه کي نيويارڪ ۾ قتل ڪرڻ جي سازش جو الزام آهي- Advertisement -
