- Advertisement -
اسرائيلي فوج حماس سربراهه يحيٰ سنوار جي شهادت کان اڳ آخري لمحن جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي.
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي هئي ته غزا ۾ هڪ عمارت کي نشانو بڻايو جنهن ۾ حماس جو سربراهه يحيٰ سنور به موجود هو.
اسرائيلي پرڏيهي وزير طرفان دعويٰ ڪئي وئي ته رفح ۾ عمارت تي ڪيل حملي ۾ حماس سربراهه يحيٰ سنور جي مارجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.
اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو به حماس سربراهه جي مارجڻ جي تصديق ڪندي ان کي غزا ۾ جنگبندي جي خاتمي جي شروعات قرار ڏنو، جڏهن ته حماس طرفان باضابطه طور ڪوبه بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
آمريڪي خابرو اداري طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل جي ڊفينس فورس حماس سربراهه يحيٰ تي حملي وقت جي ايڊيٽڊ وڊيو جاري ڪئي آهي.
آءِ ڊي ايف جي جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته تباهه حال عمارت ۾ صوفي تي زخمي حالت ۾ ويٺل شخص ڊرون تي لٺ سان حملو ڪري رهيو آهي- Advertisement -
