آمريڪي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ وڏي ۽ تباهي واري جنگ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.
آمريڪي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ هڪ ٻي وڏي جنگ جو خطرو آهي، اها جنگ اسرائيل ۽ لبنان ٻنهي لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي.
لنڊن ۾ برطانوي ۽ آسٽريليا جي بچاءَ واري وزيرن سان گڏيل پريس بريفنگ ۾ لائيڊ آسٽن چيو ته اسرائيل ۽ لبنان ڇڪتاڻ وڌائڻ بدران مختلف رستو به چونڊي سگهن ٿا، تڪرار جو سفارتي حل اڃا به عمل جي قابل آهي.
هن خطي ۾ موجود مزاحمتي فورسز کي خبردار ڪيو ته ڪنهن کي به ان بحران مان فائدو کڻڻ يا تڪرار کي وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.
آمريڪي بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجي فوجين جي حفاظت جاري رکندو.
