تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ لڳل خوفناڪ باهه تي ڇهه ڏينهن بعد به رڳو 11 سيڪڙو تي ضابطو نه اچي سگهيو

- Advertisement -
آمريڪي شهر لاس اينجلس ۾ لڳل خوفناڪ باهه تي ڇهه ڏينهن بعد به رڳو 11 سيڪڙو تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، ماهرن جو اندازو آهي ته باهه تي مڪمل ضابطو آڻڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب،  تباهي مچائيندڙ باهه سبب فوتين جو انگ وڌي 24 ٿي ويو ۽ 16 ماڻهو اڃا تائين گم آهن، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته 12 هزار کان وڌيڪ گهر ۽ عمارتون خاڪ جو ڍير ٿيڻ سبب ڏيڍ لک کان وڌيڪ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ويا آهن ۽ وڌيڪ هڪ لک 60 هزار کي لڏپلاڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، 40 هزار ايڪڙ زمين تي موجود سڀ ڪجهه سڙي رک ٿي ويو آهي، 50 هزار کان وڌيڪ واهپيدار بجلي کان محروم ٿي ويا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته گذريل اڱاري تي لاس اينجلس جي ٻيلي ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ هزارين فائر فائٽر، سوين فائر انجڻ، واٽر ٽينڪر ۽ 60 جهاز ڪم ڪري رهيا آهن، پر 6 ڏينهن گذرڻ باوجود باهه تي ضابطو ناهي اچي سگهيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن موجب، پيسيفڪ پيليسيڊز جي سڀ کان وڏي باهه تي هن وقت تائين رڳو 11 سيڪڙو ۽ ايٽن وٽ 27 سيڪڙو ضابطو آندو ويو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته باهه تي مڪمل ضابطو آڻڻ ۾ ڪيترائي هفتا لڳي سگهن ٿا، جڏهن ته سومر کان اربع تائين تيز هوائن جي وارننگ به جاري ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ۽ متاثر علائقن ۾ ڦرلٽ جا واقعا به جاري آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
13 %
1.2kmh
98 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون