- Advertisement -
آمريڪا جي ڊيموڪريٽ صدارتي اميدوار ڪيملا هيرس ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ طرفان فاڪس نيوز تي مباحثي جي آڇ رد ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ صدارتي مباحثو ٿيڻ جو امڪان تقريبن ختم ٿي ويو آهي.
امريڪا ميڊيا موجب ڪيملا هيرس جي آڇ ڊونلڊ ٽرمپ طرفان سي اي بي نيوز تي مباحثي کان انڪار بعد رد ڪئي آهي.
ڪيملا هيرس جو چوڻ آهي ته هوءَ 10 سيپٽمبر تي ان مباحثي لاءِ موجود هوندي جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ طئي ڪري چڪو آهي جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هو صرف 4 سيپٽمبر تي فاڪس نيوز تي پنسلوينيا ۾ ڪملا هيرس سان مباحثي لاءِ تيار آهي.
امريڪي ميڊيا موجب، جيڪڏهن ڪملا اڳوڻي آمريڪي صدر ۽ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ سان فاڪس نيوز تي مباحثو نه ڪيو ته شايد هن ڀيري صدارتي مباحثو ٿيندو ئي نه…….- Advertisement -
