- Advertisement -
ري پبلِڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ٻيو ڀيرو آمريڪي صدر چونڊجي ويو آهي، ڊيموڪريٽس جي ڪملا هيرس کي شڪست نصيب ٿي، سينيٽ ۽ ڪانگريس ۾ به ري پبليڪن پارٽيءَ کي سرسي حاصل آهي.
آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ 538 مان هيل تائين ڊونلڊ ٽرمپ 277 ۽ ڪملا هيرس 226 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪيا آهن.
صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ 7 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ ڪملا هيرس 6 ڪروڙ 40 لک 52 هزار 768 ووٽ حاصل ڪيا.
آمريڪي ڪانگريس ۾ ري پبليڪن 196 ۽ ڊيموڪريٽس 176 سيٽن تي ڪاميابي ماڻي.
آمريڪا جي 50 مان 27 رياستن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ڪاميابي ماڻي جڏهن ته ڪملا هيرس 19 رياستن ۾ ڪامياب ٿي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب انڊيانا، فلوريڊا، اوهائيو، ڪينٽڪي، اوڪلوهاما، الباما، ڏکڻ ڪيرولانا، مسي سپي، آرڪنساس، ويسٽ ورجينيا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ڪاميابي حاصل ڪئي.
سوئنگ اسٽيٽس طور مشهور ستن رياستن مان چئن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ڪملا هيرس ٽي رياستون کٽيون.
ڊونلڊ ٽرمپ اتر ڪيرولانا، پينسلوينيا، جارجيا ۽ وسڪانس رياستن ۾ ڪاميابي ماڻي.
سينيٽ ۾ به ري پبلِڪن پارٽيءَ 51 سيٽن سان سادي اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ڊيموڪريٽس 43 سيٽون کٽيون آهن.
ڊونلڊ ٽرمپ ٻيو ڀيرو آمريڪا جو صدر چونڊجي ويو آهي، ان کان اڳ هن 2016ع ۾ ڊيموڪريٽس جي اميدوار هيلري ڪلنٽن کي شڪست ڏني هئي، هن ڀيري ڪملا هيرس کان ڪاميابي ماڻي.
چونڊ نتيجن بعد ٽرمپ جي حامين وائٽ هائوس ٻاهران گڏ ٿي جشن ملهايو ۽ نعريبازي ڪئي- Advertisement -
