- Advertisement -
آمريڪي صدر جوبائيڊن، روس خلاف جنگ ۾ فوجي امداد ۾ دير ڪرڻ تي پنهنجي يوڪريني هم منصب کان معافي وٺي ڇڏي آهي.
پيرس ۾ يوڪريني صدر ولودو مير زيلنسڪي سان ملاقات دوران آمريڪي صدر جوبائيڊن مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته فوجي امداد ۾ دير جو ڪارڻ ڪانگريس ۾ موجود ڪجهه ريپبلڪن ميمبرن جي ڪري ٿي آهي.
جوبائيڊن يوڪريني صدر کي چيو ته توهان روس خلاف غيرمعمولي طريقي سان وڙهو، آمريڪا يوڪرين سان گڏ آهي- Advertisement -
