آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 500 ارب ڊالر جي اسٽار گيٽ آرٽيفيشل انٽيليجنس پراجيڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

spot_img
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 500 ارب ڊالر جي اسٽار گيٽ آرٽيفيشل انٽيليجنس پراجيڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته اي آءِ انفرا اسٽرڪچر ۾ 500 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. ٽرمپ جو چوڻ هو ته اوپن اي آءِ، سافٽ بينڪ ۽ اوريڪل اي آءِ ۾ 500 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندا جنهن سان هڪ لک نوڪريون پيدا ٿينديون. هن چيو ته اسٽار گيٽ فوري طور تي اي آءِ انفرا اسٽرڪچر جي تعمير شروع ڪندي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايلون مسڪ جي ٽڪ ٽاڪ کي خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ٽڪ ٽاڪ مالڪن سان سندس ملاقات ٿي آهي. آمريڪي صدر موجب، هو سوچي رهيو آهي ته ڪنهن کي چوي ته ٽڪ ٽاڪ خريد ڪري ۽ اڌ امريڪا کي ڏئي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روسي صدر کي يوڪرين مسئلي تي ڳالهين جي ميز تي اچڻ گھرجي، صدر پيوٽن ڳالهين جي ميز تي نه آيو ته ممڪن آهي ته مٿس پابنديون لڳائي. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته يورپي يونين کي يوڪرين تي وڌيڪ خرچ ڪرڻ گھرجي، هو يوڪرين کي هٿيار موڪلڻ واري مسئلي کي ڏسي رهيا آهن. آمريڪي صدر صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته چيني صدر چي چيو آهي ته يوڪرين مسئلو حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري، چين تي پهرين فيبروي تي 10 سيڪڙو ٽيرف بابت ڳالهائيندو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
26%
1.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
18 °

تازه ترين خبرون