- Advertisement -
آمريڪي ميڊيا اسرائيل طرفان ايران تي هوائي حملي جي دعوى ڪئي آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب اصفهان ايئرپورٽ ويجهو اسرائيلي هوائي فوج پاران آپريشن جا اطلاع آهن، جڏهن ته ايراني صوبي اصفهان ۾ فضائي دفاعي نظام کي به فعال ڪيو ويو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب ايران جي مرڪزي علائقي اصفهان ۾ ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو ۽ شام جي السويدا گورنري ۾ به ڌماڪي جا اطلاع آهن.
آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته عراق ۾ بغداد ۽ بابل گورنري ۾ ڌماڪا ٿيا آهن پر اڃان تائين ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.
آمريڪي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب ايراني ايئرپورٽ جي پبلڪ رليشن ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته تهران، اصفهان ۽ شيراز ڏانهن ويندڙ اڏام کي ٻين ايئرپورٽس ڏانهن موڙيو ويو آهي….- Advertisement -
